آري شينهائي

آري شينهائي: بزرگ آري شينھائي پنھنجي دور جو صاحب ڪرامت ۽ خدا جو ولي ٿي گذريو آهي. سندس مزار سيوهڻ کان اٺ ڪوهن تي نار جي ڳوٺ ۾ آهي. ’تاريخ مظھر شاهجھاني‘ ۾ يوسف ميرڪ ڄاڻائي ٿو ته: هتي بزرگ آري شينھائيءَ جي مزار آهي. هيءَ ڏاڍي ڀلاري جاءِ آهي، اها مزار نار جي ڳوٺ کان هڪ ڪوهه جي پنڌ تي آهي. روايت آهي ته بزرگ آريءَ کي شينھائي ان ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو، جو هڪ ڏينھن هي بزرگ پنھنجي دوستن سان گڏ سير تي نڪتو، اوچتو هڪ شينھن سندس آڏو آيو. اهو ڏسي هن بزرگ جا دوست ڀڄي وڃي لڪيا، پر هي بزرگ اتي ئي بيٺو رهيو ۽ پوءِ پاڻ شينھن کي ڪن کان وٺي مٿس سوار ٿي سير ڪيائين. انهيءَ واقعي کانپوءِ مٿس شينھائي لقب پئجي ويو


هن صفحي کي شيئر ڪريو